پاڪستان پر امن ملڪ آهي، ڀارت سان سمورا معاملا حل ڪرڻ چاهيون ٿا: آرمي چيف

لنڊن (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته  پاڪستان پر امن ملڪ آهي، ڀارت سان سمورا معاملا حل ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي ترقي ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪتسانين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي پاڪ فوج ملڪ جي سيڪيورٽي لاءِ ڀرپور ذميواريون نڀائيندي آءِ ايس پي آر موجب برطانيا جي سرڪاري دوري تي موجود چيف آف آرمي اسٽاف جي اعزاز ۾ لنڊن جي پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ آجياڻي جو انتظام ڪيو ويو ان موقعي تي آرمي چيف برطانيا جي پاڪستاني ڪميونٽي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ، آرمي چيف پاڪستان جي ماحول، دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي خلاف ڪوششن ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ اوورسيز پاڪستانين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي ۽ خاطري ڪرائي ته پاڪ فوج پاڪستان جي سيڪيورٽي لاءِ پنهنجون ڀرپور ذميواريون نڀائيندي. پاڪستاني ڪميونٽي جا ماڻهو پاڪستان جي فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان پاڪستان آرمي جي خدمتن جي تعريف ڪئي ان کان اڳ آرمي چيف جي آجياڻي تي پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سيد ابن عباس سندس آجياڻو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *