پاڪستان پراڻن طريقن تي هلندي ڪنگال ٿي ويو: عمران خان

ڪوئيٽا/ راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو  آهي ته وزيراعظم عمران خان پاڪ فوج ۽ بلوچستان حڪومت جي گڏيل منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ميجر جنرل آصف غفور جو فيس بڪ تي هڪ پيغام ۾ چوڻ آهي ته انهن منصوبن ۾ ڪارڊيڪ سينٽر ڪوئيٽا، زوب روڊ موٽر وي شامل آهن. هن چيو ته گڏيل منصوبن جي پيڙهه جي پٿر جي موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال به وزيراعظم سان گڏ هو، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪوئيٽا جي ڪارڊيڪ پراجڪيٽ کي يو اي اي حڪومت جو مالي سهڪار آهي، هن ٻڌايو ته ڪوئيٽا ۾ ماحول دوست بايو ميڊيڪل ورڪشاپ ۽ ويسٽ مئنجمينٽ پلانٽ به ٺاهيو ويندو، ڪوئيٽا زوب روڊ ڪچلاڪ، مسلم باغ ۽ سيف الله قعلي وچ ۾ لگهندو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته روڊ ٺهڻ سان بلوچستان جي پٺ تي پيل علائقن ۾ معاشي حالتون بهتر ٿينديون، ڪوئيٽا زوب روڊ اولهندي ڪوريڊور جي متبادل طور استعمال ٿيندو. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ايندڙ اليڪشن کٽڻ لاءِ افتتاح ڪرڻ بدران ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي اهڙو ڪوبه منصوبو شروع نه پيا ڪيون جيڪو رڳو اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي پراڻو پاڪستان ترقي جي دڳ تي نه پئي هلي سگهيو اسان روزانو 6 ارب رپيا قرضن تي وياج جي مد ۾ ادا ڪري رهيا هئاسين اشرافيا کي امير بڻائي ملڪ جي عوام کي صحت تعلي، روزگار، پيئڻ جي پاڻي جهڙيون بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويو ماضي جي حڪومتن بلوچستان ۽ خاص ڪري سي پيڪ جي الهندي روٽ کي نظرانداز ڪيو نئين پاڪستان ۾ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪريو بلوچستان ۽ پنجاب ۾ بهترين مڪاني نظام آڻينداسين ماضي ۾ بلوچستان کي نظرانداز ڪيو ويو هاڻي ايئن نه ٿيندو بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي سمورن وڏن شهرن لاءِ ماسٽر پلان ٺاهي رهيا آهيون بلوچستان ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪئي ويندي هو جمعي تي هتي بلوچستان ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ڪارڊيڪ سينٽر جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ۽ ڪوئيٽا ذوب شاهراه کي سي پيڪ تحت ٻٽو ڪرڻ جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا، شاهه محمود قريشي، خسرو بختيار، شيخ رشيد احمد، زبيده جلال، قاسم خان سوري، بلوچستان جو گورنر جسٽس رٽائرڊ امان الله ياسين زئي، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جو خاص مددگار سردار يارمحمد رند، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفتيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا به موجود هو وزيراعظم عمران خان چيو ته وفاقي حڪومت پاڪستان جي ترقي جو فيصلو ڪيو آهي اسان ايندڙ اليڪشن کٽڻ لاءِ افتتاح ڪرڻ بدران ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون اهڙو ڪوبه منصوبو شروع نه پيا ڪيون جيڪي اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ استعمال ڪيون ۽ ان سان عوام کي فائدو نه پهچي اسان اليڪشن نه پر ملڪ جو مستقبل ڏسڻ چاهيون ٿا هن چيو ته پاڪستان ۾ تبديلي جي سوچ کڻي آيا آهيون ملڪ پراڻي پاڪستان جي دڳ تي اڳتي نه پئي هلي سگهيو، جڏهن حڪومت سنڀالي ته روزانو قرضن تي وياج جي مد ۾ 6 ارب رپيا جاري ڪيا پيا ويا جنهن جي ڪري ملڪ تباهي واري ڪناري تي اچي ويو هو. هن يو ته اسان حڪومت ۾ اچي بلوچستان کي خاص ترجيحي ڏني آهي صوبي جو ڪيس خصوصي آهي ماضي ۾ بلوچستان کي ان لاءِ نظرانداز ڪيو ويو ڇو ته هتان اليڪشن کٽڻ ۽ پاور ۾ اچڻ لاءِ ڪو فائدو نه ملندو هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ فيصل آباد ڊويزن جون سيٽون بلوچستان کان وڌيڪ آهن جڏهن به بلوچستان جي ضرورت پئي هئي ته ڪجهه ماڻهن کي نوازي عوام جو پئسو انهن ئي ماڻهن کي ڏنو ويندو هو جنهن سان بلوچستان پوئتي هليو ويو اين ايف سي ايوارڊ سان ملندڙ پئسا هيٺين سطح تي منتقل نه ٿيڻ جي ڪري اڄ به بلوچستان بنيادي سهولتن کان محروم اهي جڏهن ته هڪ مخصوص طبقو امير کان امير ٿي ويو آهي هن چيو ته ڪارڊيڪ سينٽر سڄي بلوچستان جي ضرورت هو صوبي جي مريضن کي علاج لاءِ ڪراچي وڃڻو پوندو هو. پر پاڪ فوج ۽ حڪومت بلوچستان جي ڪوششن سان بلوچستان هيلٿ ڪمپليڪس جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿي رهيو آهي هن منصوبي جو خصوصي ڪريڊٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڏانهن به وڃي ٿو جنهن گڏيل عرب امارات کان هن سموري منصوبي لاءِ فنڊ ورتا هن چيو ته اسان بلوچستان ۾ صوبائي حڪومت ۽ فوج سان گڏجي ڪينسر اسپتال ٺاهينداسين جيتوڻيڪ هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڏلکيائي ٿيندي پر مون کي اميد آهي ته اسان جلد هتي اسپتالون به ٺاهينداسين وزيراعظم چيو ته اڄ بلوچستان ۾ سي پيڪ اولهه روٽ ڪم شروع ٿي رهيو آهي ڪوئيٽا زوب 305 ڪلوميٽر ڊگهو رستو تبديلي جو نتيجو ۽ گيم چينجر منصوبو آهي هن بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي پٺتي پيل علائقن کي فائدو پهچندو هي روڊ نه صرف بلوچستان پر ڊيرا اسماعيل خان، فاٽا سميت ٻين علائقن کي به هڪٻئي سان ڳنڍيندو جنهن سان ترقي جا نوان دڳ کلندا ۽ ايندڙ وقت ۾ هتي انڊسٽريز زون به قائم ٿيندا هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ جنهن به ملڪ کي تباهه ڪرڻ هجي ان جي اشرافيا کي خريد ڪري ملڪ جي نظام کي تباهه ڪيو وڃي ٿو پاڪستان ۾ به اشرافيا کي امير جڏهن ته ملڪ کي قرضي ڪري عوام کي تعليم صحت روزگار، پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويو ماضي جي حڪومتن کي الهندا روٽ اڳ ٺاهڻ گهرجن ها ڇو ته هن روڊ سان ملڪ جي ڏتڙيل علائقن کي ترقي جا موقعا مهيا ٿين ها هن چيو ته ڪوئيٽا کان طفطان ريلوي ٽريڪ ٺاهي رهيا آهيون ڪوئيٽا اسلام آباد لاهرو پشاور جو ماسٽر پلان ٺاهينداسين ماضي ۾ ماسٽر پلان نه هجڻ جي ڪري اڄ شهرن ۾ سهولتن جي اڻاٺ آهي ڪوئيٽا سميت بلوچستان ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا ويندا ملڪ جي ماحول کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ وڻ لڳائڻ جي ضرورت آهي عوام وڌ ۾ وڌ حصو وٺي هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي خدشو آهي ته غير مقامي ۽ ٻاهرين ملڪ مان ماڻهو اچي کين اقليت ۾ تبديل ۽ سندن حق ڦٻائيندا اهڙا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ته ٽيڪينيڪل ادارا قائم ڪيا ويندا ته جيئن مقامي ماڻهو هنر سکي وڌ کان وڌ روزگار جا موقعا حاصل ڪن. وزيراعظم بلوچستان جي وڏي وزير جي ساراهه ڪندي چيو ته اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته بلوچستان جو وڏو وزير کي صوبي جي عوام جو احساس ۽ درد آهي مان اڳ به وڏن وزيرن جون تقريرون ٻڌيون آهن پر ڄام ڪمال خان دل سان ڳالهه ڪئي آهي صوبو خوشقسمت آهي جو ان کي ڄام ڪمال جهڙو وڏو وزير مليو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *