پاڪستان پرامن ، مستحڪم ۽ آزاد افغانستان چاهي ٿو: قومي سلامتي ڪميٽي 

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي سلامتي ڪميٽي چيو آهي ته پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خود مختيار افغانستان چاهي ٿو. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ٽنهي فوجن جي سربراهن ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گھرو وزير شيخ رشيد، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ، اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري، ناڻي واري وزير شوڪت ترين ۽ قومي سلامتي بابت خاص مددگار معيد يوسف به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم افغانستان جي صورتحال بابت مضبوط پاليسي جي ڪوششن تي زور ڏنو ۽ افغانستان ۾ حڪومت جي مختلف ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خاص سيل قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته خصوصي سيل افغانستان لاءِ انساني امداد جي عالمي رابطن ۾ ڪردار ادا ڪندو، خصوصي سيل اثرائتي بارڊر مئنيجمينٽ ۽ ڪنهن به منفي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪندو. قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خودمختيار افغانستان چاهي ٿو.  اجلاس ۾ وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، فواد چوڌري، شوڪتر ترين، ڊاڪٽر معيد يوسف، شيرين مزاري، پرڏيهي سيڪريٽري سمورن سورسز چيفس ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ افغانستان جي موجوده عبوري حڪومت سان پرڏيهي رابطن، سياسي ۽ اقتصادي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ويو وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ افغانستان مان پرڏيهين جي انخلا لاءِ پاڪستان جي حمايت تي اطمينان جو اظهار ڪيو هن چيو ته سڄي دنيا ۾ افغانستان مان ماڻهن جي انخلا ۾ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار کي ساراهيو آهي ڪميٽي ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال نهايت مونجهاري جو شڪار آهي ۽ افغانستان ۾ عدم استحڪام پاڪستان لاءِ ناڪاري اثر پيدا ڪري سگهي ٿو وزيراعظم ان موقف سان اتفاق ڪندي هڪ بهترين پاليسي ٺاهڻ تي زور ڏنو. ان انهن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ خاص سيل قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن حڪومت جي ڪوششن ۽ افغانستان لاءِ پرڏيهي انساني امداد لاءِ رابطا قائم ڪري سگهجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *