پاڪستان پاران ڀارتي وزيراعظم جي بيانن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو)  پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بنگلاديش جي دوري دوران پاڪستان مخالف بيانن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي وزيراعطم جي بيان ۾ ٿابت ٿي آهي ته ڀارت جو پاڙيسري ملڪ  پاڪستان ۾ انتهائي منفي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي عالمي برادري نوٽيس وٺي پاڪستان پرامن بقا گڏيل اصولن تي يقين رکي ٿو پاڙيسري ملڪن بشمول ڀارت سان سٺا تعلق برقرار رهيا آهن ٻطرفي تعلقات جي باري ۾ ڀارتي وزيراعظم جو بيان انتهائي افسوسناڪ آهي پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ نفرت جو ٻج وجهڻ جون هندستاني ڪوششون ناڪام ٿي وينديون پرڏيهي آفيس جي ترجمان قاضي خليل الله اڱاري تي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته وزيراعظم نريندر مودي جي بيان مان ثابت ٿيو آهي ته ڀارت جو پاڙيسري ملڪ پاڪستان ۾ انتهائي منفي ڪردار آهي. ترجمان چيو ته اها ڳالهه قابل مذمت آهي ته ڀارتي سياستدانن جو نه صرف قول ۽ فعل اقوام متحده جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي پر هو ٻين ملڪن ۾ مداخلت تي به فخر جو اظهار ڪري ٿو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بنگلاديش جي دوري دوران ڊاڪا يونيورسٽي ۾ پاڪستان جي خلاف لڳايل الزامن جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان پرامن بقاءِ گڏيل اصولن تي يقين رکي ٿو ۽ چاهي ٿو ته پاڙيسري ملڪ بشمول هندستان سان سٺا تعلقات برقرار رهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *