پاڪستان پاران ڀارتي هندو انتهاپسند تنظيم شيوِ سينا جي دهشتگردي تي عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان، ڀارتي هندو انتهاپسند تنظيم شيوِ سينا جي دهشتگردي تي عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن جي گرفتاري ڪشميرين جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي، افغان حڪومت درخواست ڪئي ته مفاهمتي عمل ۾ ٻيهر ڪردار ادا ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو ته پاڪستان کي ڀارت ۾ وڌندڙ هندو انتهاپسندي تي سخت ڳڻتي آهي، هندو انتهاپسندن پاڪستاني شهرين کي به نشانو بڻايو آهي. هـُن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي هندو انتهاپسند تنظيم شيوِ سينا جي دهشتگردي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن جي گرفتاري جي مذمت ڪري ٿو، اهڙيون گرفتاريون ڪشميرين جي حق جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي. پاڪستان کي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڪميٽي جي ميمبرشپ نه ملڻ بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته اسلام آباد کي 105ووٽ مليا، ڪيترائي ملڪ ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائڻ باوجود آخري وقت ۾ دوکو ڪري ويا. افغان صورتحال بابت سوال جي جواب ۾ قاضي خليل الله چيو ته طالبان ۾ دڙا بندي انهن جو اندروني معاملو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمتي عمل جي حمايت ڪري ٿو، افغان حڪومت جيڪڏهن ڳالهين لاءِ درخواست ڪئي ته ڪردار ادا ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *