پاڪستان پاران بيلسٽڪ ميزائل شاهين ون اي جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان سومر ڏينهن وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ شاهين ون اي (حتف-iv) بيلسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق تجربي جو مقصد هٿيارن واري نظام جي مختلف ڊزائن ۽ فني پئراميٽرز جي توثيق ڪرڻ هو. شاهين ون اي ميزائيل ايٽمي ۽ روائتي هٿيارن کي 900 ڪلوميٽرن جي فاصلي تائين کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پاڪ بحريا جي سربراهه ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلاننگ ڊويزن ليفٽيننٽ جنرل زبير محمود حيات، ڪمانڊر آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمان ليفٽيننٽ جنرل عبيدالله خان، ڪمانڊر پاڪستان فليٽ وائيس ايڊمرل ظفر محمود عباسي، چيئرمين نيسڪام محمد عرفان برني، اسٽريٽجڪ فورسز جا سينئر آفيسر ۽ اسٽريٽجڪ ادارن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن عربي سمنڊ ۾ هدف کي نشانو بڻائيندڙ ميزائيل جي ڪامياب تجربي جو مشاهدو ڪيو. پاڪ بحريا جي سربراهه ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله سائنسدانن ۽ انجنيئرنگ کي پاڪستان جي ڀروسي جوڳي گهٽ ۾ گهٽ ڊٽرنس جي صلاحيت حاصل ڪرڻ جي حوالي سان سندن پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم ۽ جذبي کي واکاڻيو. مقامي طور تيار ڪيل گائيڊنس نظام وارو شاهين ون اي بيلسٽڪ ميزائيل پنهنجي هدف کي ٺيڪ نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن خطي ۾ پرامن گڏيل بقا واري پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان مقدس مشن کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن جي پيشيواراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. هن ڪنهن به جارحيت خلاف مادر وطن جي سلامتي جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي صلاحيت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. هوڏانهن صدر مملڪت ممنون حسين ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف بيلسٽڪ ميزائيل جي ڪامياب تجربي کي زبردست نموني واکاڻيندي ان غير معمولي ڪاميابي تي ان ۾ شريڪ جٿن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون ڏنيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *