پاڪستان ٽيم بهترين رانديگرن تي ٻڌل آهي، شروع ۾ گھٻرائڻ باوجدو اعصابن تي ڪنٽرول رکيو: شاهد آفريدي

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئٽي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته پاڪستان ٽيم بهترين رانديگرن تي ٻڌل آهي، شروع ۾ گھٻرائڻ باوجدو اعصابن تي ڪنٽرول رکيو، زمبابوي ۾ وڌيڪ نون رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو. سري لنڪا خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته 173 رنسن جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جوڳو هو پر شروع ۾ اسين گھٻرائجي ويا هئاسي. عماد وسيم ۽ انور علي سٺي راند کيڏي. مونکي اميد آهي ته اهي مستقبل ۾ به ٽيم لاءِ ان قسم جي ڪارڪردگي ڏيکاريندا رهندا. هن چيو ته آئون جيڪڏهن بالنگ ۾ ڪجھه نه ڪري سگھندو آهيان ته بيٽنگ ۾ ڪپتان جي حيثِيت سان منهنجي ذميواري وڌي ويندي آهي. هن چيو ته اسان جي ايندڙ سيريز نيوزيلينڊ خلاف آهي جنهن ۾ ٻين نون رانديگرن کي موقعو ڏينداسين. ڪاميابي اسان لاءِ تمام وڏي اهميت رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *