پاڪستان ٽن سالن بعد عالمي بينڪ جي فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي اهل بڻجي ويو

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت جو پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو ايندڙ هدف 17 ارب ڊالر آهي جيڪو سندس غير معمولي ڪوششن جي نتيجي ۾ جلد حاصل ڪيو ويندو. سينيٽر اسحاق ڊار عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر رشيد بن مسعود سان گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جو پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جو نئون هدف 17 ارب ڊالر آهي جيڪو الله جي مهرباني سان جلد حاصل ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ملڪ جي ترقي واري روڊميپ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر عالمي بينڪ جي انتظاميا جي پاران وفاقي وزير کي ٻڌايو ته پاڪستان ٽن سالن کانپوءِ هڪ دفعو وري آءِ بي آر ڊي جي فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي اهل بڻجي ويو آهي. آءِ بي آر ڊي جي فنڊنگ واري سهولت مارچ 2012ع ۾ معطل ڪئي وئي هئي ڇاڪاڻ ته ان وقت پاڪستان ميڪرو ايڪانامڪ اسٽيبلٽي جي حوالي سان گهربل حالتن تي پورو نه پئي لهي سگهيو. هن چيو ته پاڪستان وٽ اڍائي مهينن تائين جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا موجود آهن ۽ عالمي بينڪ انتظاميا اقتصادي ترقي جي رفتار جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسين مان مطمئن پڻ آهي. اهڙي ريت پاڪستان 2015ع کان 2019ع تائين جي چئن سالن لاءِ 2 ارب ڊالرن جي عالمي بينڪ جي فنڊنگ مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. رشيد بن مسعود پاڪستان جي ميڪرو ايڪانامڪ جي شعبي ۾ مثبت اهڃاڻن ۽ ايف بي آر جي آمدني ۾ ٿيل جوڳي اضافي، مهانگائي ۾ گهٽتائي، بجيٽ کوٽ ۾ گهٽتائي ۽ مجموعي ملڪي پيداوار ۾ مثبت اڳڀرائي جي ڪري ٿيل اقتصادي استحڪام جي واکاڻ پڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *