پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي هارائي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

هراري(اسپورٽس نيوز) پاڪستان، ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي هارائي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. زمبابوي جي شهر هراري ۾ کيڏيل ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي ٽاس کٽي پهرينبيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان عمر اڪمل 37 ۽ صهيب مقصود 26 رنسون ٺاهي نمايان رهيا،جڏهن ته عمران خان جونيئر ۽ محمد عرفان 2-2 وڪيٽون ورتيون. قومي ٽيم مقرر اوورز ۾ مخالف ٽيم کي 137 رنسن جو هدف ڏنو. زمبابوي جي ٽيم هدف حاصل ڪرڻ لاءِ بيٽنگ شروع ڪئي پر رانديگر ڪوبه ٻوٽو نه ٻاري سگهيا ۽ سموري ٽيم هڪ سئو 21 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. اهڙي ريت پاڪستان کي 15 رنسن تان ڪاميابي نصيب ٿي ۽ سيريز ۾ سوڀ پڻ قومي ٽيم جي حصي ۾ آئي. پاڪستاني رانديگر عماد وسيم کي مين آف دي سيريز ۽ عمر اڪمل کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *