پاڪستان ٻطرفي رابطن جي روايت کي برقرار رکڻ ۽ آمريڪا سان ڊگهي مدي ۽ ملٽي ڊومين جٽادار لاڳاپن جو خواهشمند آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته انساني بحران کان بچڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ترقي لاءِ بهترين ڪوششن جي ضرورت آهي، آئي ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪا جي افغانستان بابت خاص نمائندي ٿامس ويسٽ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارا معاملا افغانستان جي موجدوده سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي به ڳالهه ٻولهه ٿي انموقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستان ٻطرفي رابطن جي روايت کي برقرار رکڻ ۽ آمريڪا سان ڊگهي مدي ۽ ملٽي ڊومين جٽادار لاڳاپن جو خواهشمند آهي آرمي چيف انساني بحران کان بچڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ترقي لاءِ بهترين ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. آئي ايس پي آر مطابق ٿامس ويسٽ افغان صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪردار بارڊر مئنجمينت لاءِ خاص ڪوششن علائقائي استحڪام ۾ ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جوعزم ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *