پاڪستان ويمن 6 وڪيٽن تان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز ) پاڪستان جي ويمن ٽيم 6 وڪيٽن تان سريلنڪا ويمن کي شڪست ڏئي پهريون ٽي 20 کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ کيڏيل پهرين ٽي 20 دوران ندا ڊار ۽ ڪپتان بسما معروف ميچ کٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سريلنڪا ويمن 8 وڪيٽن تي 106 رنسون ٺاهي سگهي، سندن 6 بيٽر اسڪور ٺاهڻ بنا پويلين واپس ويون. جڏهن تھ پاڪستان موٽ ۾ 19 اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي هدف ماڻي ورتو، ميچ ۾ ندا ڊار 36 ۽ بسما معروف 28 رنس سان نمايان رهيون، بالرن مان انعم امين ۽ طوبا حسن 3،3 وڪيٽون ورتيون آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *