پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڪيميائي هٿيار استعمال ٿيڻ جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستان مان طالبان ۽ دهشتگردي جي سموري نيٽورڪ جو خاتمو ڪيو ويو آهي. پابندي مڙهيل حقاني گروپ افغانستان مان وڃي رهيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين جي حقن جي جدوجھد کي روڪڻ لاءِ ڪيميائي هٿيارن جو استعمال به ڪيو پيو وڃي، جنهن جي جاچ ٿيڻ گھرجي. هفتيوار بريفنگ ۾ نفيس زڪريا چيو ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن، ڪيترن ئي ڪشميري نوجوانن جون تشدد ٿيل لاشون ملي رهيون آهن جن جي سڃاڻ به نه ٿي سگھي. حريت اڳواڻن کي عيد نماز کان به روڪيو ويو. سمورن مسلمانن کي ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي تي ڳڻتي آهي، جڏهن ته او آئي سي جي جنرل سيڪريٽري به والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم جي مذمت ڪئي آهي ۽ امريڪا پاران ڪشميري اڳواڻن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ مناسب نه آهي، نفيس زڪريا چيو پاڪستان ۾ عيدالفطر پاراچنار واقعو، ڪوئيٽيا ۽ احمد پور شرقيا جھڙن واقعن سبب گڏيل جذبات سان ملهائي وئي. هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف جو تاجڪستان وارو دورو ۽ عالمي اڳواڻن جي پاڪستان آمد اهم ڪاميابي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *