پاڪستان هر قسم جا هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکيندڙ شاهين ون ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

راولپندي (اين اين آءِ) پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ شاهين ون بئليسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب ميزائيل تربيتي مشق طور ڪيل تجربي جو مقصد آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آپريشن تياري کي آزمائڻ هو آءِ ايس پي آر موجب شاهين ون ميزائيل 650 ڪلوميٽر تائين سمورن قسمن جا وار هيڊز کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو بيان موجب ڊي جي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن، ڪمانڊر آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ چيئرمين نيسڪان، اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن سان تعلق رکندڙ سينيئر آفيسرن آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ، سائنسدانن ۽ انجينئرز جي موجودگي ۾ هي تجربو ڪيو ويو پاڪ فوج پاران مضبوط هٿيارن جي نظام کي سنڀالڻ ۽ هلائڻ ۾ اعليٰ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ويو ٻئي پاسي ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران ٽوئٽ ڪئي ويئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ايس ايس بي ايم شاهين ون ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪيو ترجمان ٻڌايو ته ميزائيل تجربي جو مقصد پاڪستان جي گهٽ ۾ گهٽ دفاعي صلاحيت کي يقيني بنائڻ لاءِ فوج جي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آپريشنل تياري کي جاچڻ هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *