پاڪستان هائوسنگ منصوبو نئين روشن پاڪستان ۽ فلاحي رياست جي قيام ڏانهن اهم قدم آهيۡ: فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردود عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان اهڙي رياست اڏڻ جو بنياد وجهڻ چاهي ٿو جيڪا شهرين جي تحفظ ۽ ترقي جي ذميواري کڻي اهڙي رياست جيڪا حڪمرانن جي مفاد بدران عوام جي حقن جي نگهبان هجي ٽيوٽر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان هائوسنگ منصوبو عوام کي پنهنجي ڇت ڏيارڻ جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جو عملي قدم آهي هن چيو ته ڪمزور ۽ پگهاردار طبقي لاءِ هي اسڪيم کين نئون اعتماد ڏيئي رهي آهي سندن اميدون پوريون ٿيڻ جو ذريعو بڻجي رهي آهي هن چيو ته هي اسڪيم اڏاوت بابت ڪيترن ئي ٻين صنعتن کي هٿي ڏيڻ جو به ذريعو بڻجندي هن چيو ته هي نئون روشن پاڪستان ۽ فلاحي رياست جي اڏجڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *