پاڪستان مقامي طور تي تيار ڪيل ڊرون جهاز جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، آرمي چيف جون قوم کي مبارڪون

راولپنڊي (م.ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر مطابق پاڪستان مقامي طور تي تيار ڪيل ڊرون جهاز براق ۽ ”برق ليزر گائيڊڊ ميزائيل“ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، ڊرون جهاز سان ساڪن ۽ حرڪت ڪندڙ هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو جڏهن ته ليزر گائيڊڊ ميزائيل به فائر ڪيو ويو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف تجربي جو معائنو ڪيو ۽ اينجنرن ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني، ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته اڄ پاڪستان دفاعي شعبي ۾ اهم بنياد پار ڪري ورتو آهي جنهن تي پوري قوم مبارڪباد جي مستحق آهي  براق ۽ براق ليزر گائيڊڊ ميزائيل هر موسم ۾ ڪارائتا ثابت ٿيندا، هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڊرون جهاز جي مدد سان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مدد ملندي ۽ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين ۾ اضافو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *