پاڪستان مان پوليو جو مڪمل خاتمو قومي مقصد ۽ ڪاوش آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان مان پوليو جو مڪمل خاتمو قومي مقصد ۽ ڪاوش آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن گلوبل ڊيولمينٽ پروگرام جي صدر ڪرستوفر اليسٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آرمي چيف بل گيٽس فائونڊيسن پاران پوليو جي خاتمي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ فائونڊيشن کي پاڪ فوج پاران مسلسل مدد جي خاطري ڪرائي هن چيو ته پاڪستان مان پوليو جي پاڙ پٽڻ قومي ڪاز ۽ قومي ڪوشش آهي، ان موقعي تي ڪرسٽوفر ايليسٽ چيو ته پاڪ فوج قومي پوليو روڪٿام مهم ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو آهي پاڪ فوج هلندر سال سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم کي يقيني بڻايو ۽ ان کان علاوه پاڪ فوج ڪميونٽي جي ذريعي، بااثر ماڻهن جي سڌ ۾ به خاص ڪردار ادا ڪيو پاڪستان ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ به ڪامياب مهم هلائي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *