پاڪستان مالديپ سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: نواز شريف

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ تعاون کي هٿي وٺرائڻ پاڪستان جي دلي خواهش آهي اڱاري تي وزيراعظم هائوس ۾ مالديپ جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد عاصم سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان سارڪ کي وڏي اهميت ڏي ٿو هن چيو ته پاڪستان سارڪ چارٽر جي حصولن ۽ مقصد سان وابستگي رکي ٿو وزيراعظم چيو ته پاڪستان مالديپ سان لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو پاڪستان ۽ مالديپ ۾ ٻطرفي واپار ۾ واڌ جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي وزيراعظم زور ڀريو. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه سٺي آهي ته پاڪستان ۽ مالديپ ۾ پارليماني تعاون ۾ واڌ ٿي آهي ۽ مالديپ جي سيٽ جي چيئرمين جو گذريل سال پاڪستان جو دورو مستحب پاڪستاني لاڳاپن جو ثبوت آهي ڊاڪٽر محمد عاصم ٻنهي ملڪن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي اميد جو اظهار ڪيو ان موقعي تي وزيراعظم جي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ خاص صلاحڪار طارق فاطمي به ساڻس گڏ هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *