اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو آهي ته قطر ۾ افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ امن جي ڳالهين تي مڪمل حمايت ڪيون ٿا.ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اعزاز چوڌري چيو ته ڳالهين جي حمايت انڪري ڪيون ٿا ته ڇو ته علائقي ۾ سلامتي لاءِ افغانستان ۾ امن تمام ضروري آهي.ٻئي پاسي پرڏيهي سيڪريٽري نيپال جي زلزلي جي حوالي سان ٻڌايو ته 25 اپريل تي ايندڙ خطرناڪ زلزلي کانپوءِ پاڪستان متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ترت مدد موڪلي، رليف آپريش۾ اين ڊي ايم ۽ فوج تمام بهترين حصو ورتو، جنهن تي نيپال جي آرمي چيف به ساراهيو. هن جو چوڻ هو ته کاڌي جا30 جهاز موڪليا ويا جڏهن ته 4سي جهاز امدادي سامان کڻي نيپال پهتا، زلزلي کانپوءِ وزيراعظم جي هدايت تي 50 ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ 30 هنڌن تي ٻڌل اسپتال پڻ نيپال موڪليو ويو، رليف آپريشن لاءِ انجنئيرز جون ٽيمون به پهتيون آهن جڏهن ته وڌيڪ 20هزار خيما به موڪليا وڃن پيا.اعزاز چوڌري جو چوڻ هو ته نيپالي ڀائرن جي ڏک کي چڱي ريت سمجهي سگهون ٿا.زلزلي کانپوءِ نيپال جا 35 ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن جڏهن ته اڃان به اتي 35 لک ماڻهن کي مدد جي سخت ضرورت آهي.