پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي خطي ۾ امن عمل لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي خطي ۾ امن  عمل لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اندروني معاملن ۾ مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي. اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ پرويز رشيد چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رڌل آهي، پر موجوده حڪومت ۾ گهڻيون ڪاميابيون ملي رهيون آهن. هن چيو ته ڀارتي مداخلت بابت وزير اعظم نواز شريف امريڪا سميت گڏيل قومن کي ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن، امن عمل ۾ رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، جلد ڌرتي تان دشمن جو خاتمو ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، قوم جي سهڪار سان پاڪستان کي پرامن ملڪ بڻايو ويندو. پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته حڪومت ترقياتي منصوبن ۽ دهشتگردي خلاف جاري آپريشن بابت عوام کي اعتماد ۾ ورتو آهي، مخالفن جي تنقيد تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *