پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام لاءِ پنهنجي شرڪت کي ذميواري سمجهي ٿو: جنرل راحيل شريف

راولپنڊي (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام لاءِ پنهنجي شرڪت کي هڪ ذميواري سمجهي ٿو ملڪ ۾ آپريشن ضرب عضب جي باوجود گڏيل قومن جي ڇٽي هيٺ قيام امن جا 6 مشن جي لاءِ پاڪستان پنهنجا فوجي موڪليا آهن پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن قيام امن جي آپريشن ۾ پنهنجي جرئت ۽ بهادري سان ڏيکاري آهي. پاڪستان قيام امن آپريشن جي اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. اقوام متحده جي تحت آئبري ڪوسٽ ۾ قيام امن مشن ۾ مقرر پاڪستاني فوج سان ملاقات ڪئي ۽ سڄو ڏينهن انهن سان گڏ گذاريو آرمي چيف پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشاورانه صلاحيت ۽ گڏيل قومن جي ڇٽي هيٺ هڪ محفوظ دنيا لاءِ امن کي هٿي ڏيڻ ۽ استحڪام خاطر ان جي عزم کي ساراهيو جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪستان قيام امن آپريشن جي اڀرندڙ چئلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي آئبري ڪوسٽ جي صدر پاڪستاني فوجين جي شاندار ڪارڪردگي تي انهن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *