پاڪستان سپر ليگ لاءِ پاڪستان ايندڙ پرڏيهي رانديگر فٽيچر يا سپر؟

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ لاءِ پاڪستان ايندڙ پرڏيهي رانديگر فٽيچر يا سپر؟ ڪپتان جي طور تي ڪنهن پنهنجي ٽيم کي 2 ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽريا آهن ته ڪنهن جي بهترين اننگز 260 رنسون آهن، تفصيل موجب پاڪستان جو مان وڌائڻ جيڪي عالمي شهريت حاصل ڪندڙ ڪرڪيٽر پاڪستان سپر ليگ کيڏڻ لاهور آيا انهن جي ڪيريئر تي هڪ نظر وجهون ٿا، ڊيرن سمي بطو ڪپتان ويسٽ انڊيز کي 2 ٽي ٽوئنٽي کٽرائي چڪو آهي، رچرڊ کي عمران خان کان بهتر ڪير ڄاڻي ٿو ان جو پاڪستان اچڻ اعزاز جي ڳالهه هئي يا نه، ويسٽ انڊيز جو مارلن سموئلز 71 ميچون کيڏي چڪو آهي ۽ ان جي بهترين اننگز 260 رنسون آهن، ڪرس جارڊن 31 ون ڊي ۾ 43 ۽ 8 ٽيسٽ ۾ 21 وڪيٽون وٺي چڪو آهي، ڏکڻ آفريڪا جو وڪيٽ ڪيپر مورن وينوڪ 17 ون ڊي ميچن ۾ ڏکڻ آفريڪا لاءِ 425 رنسون ٺاهي چڪو آهي، پنهنجي ملڪ جي کيپ حاصل ڪرڻ ۽ هڪ ميچ ئي کيڏڻ وڏو اعزاز آهي، ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان پي ايس ايل لاءِ پاڪستان ايندڙ رانديگرن کي فٽيچر قرار ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *