اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي منعقد ٿيڻ سان نوجوان رانديگرن کي وڌ کان وڌ انٽرنيشنل تجربو حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي کپي ته ڪرڪيٽ جي نالي وارن رانديگرن کي ليگ ۾ شرڪت جي دعوت ڏين، ڇو ته ان سان نوجوان رانديگرن جي صلاحيتن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پي سي بي کي ليگ ۾ وڌ کان وڌ انڊر 19 ۽ انڊر 23 رانديگرن کي کيڏڻ جو موقعو ڏيڻ کپي، جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ به ان طرح جون ليز منعقد ٿينديون رهنديون آهن ۽ انهن مان فائدو به ٿيندو آهي. انڊين پريميئر ليگ منعقد ٿيڻ سان ڀارت کي نئون ٽيلنٽ مليو آهي، ان طرح جا ايونٽ رانديگرن کي مالي طور تي مضبوط ڪرڻ کان علاوه ان کي ٽاپ ليول تي تجربو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي. هن سعيد اجمل جي باري ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو پنهنجي وڃايل ساک کي ٻيهر بحال ڪري ٽيم ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. زمبابوي جي دؤري سان ٽيم کي انگلينڊ جي خلاف سيريز جي تياريءَ ۾ مدد ملندي.