پاڪستان سعودي عرب جي 34 ملڪن جي فوجي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ فوج نه موڪليندو: سرتاج عزيز

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان فوج سعودي عرب موڪلڻ جي ترديد ڪئي آهي. قومي اسيمبليءَ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي بند ڪمري ۾ بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان سعودي عرب زميني فوج نه موڪلي رهيو آهي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ فوج موڪلڻ پاڪستان جي پاليسي ناهي. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن کانسواءِ ڪنهن به اتحاد ۾ فوج نه موڪلي ويندي. سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ تي پاڪستان جي پاليسي اڻڌري آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ هو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن ۾ تڪرار گهٽائڻ بابت او آءِ سي جو اجلاس 16 جنوري جده ۾ ٿيندو. سرتاج عزيز چيو ته سعودي عرب سان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ ڳجهي ڄاڻ جي مٽاسٽا ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان شام تڪرار تي پرامن ڳالهين ذريعي حل جو حامي آهي. قومي اسيمبليءَ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين اويس لغاري ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سرتاج عزيز کين ٻڌايو آهي ته پاڪستان رڳو امن مشن لاءِ ئي فوج موڪليندو. هن چيو ته پاڪستان کي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *