پاڪستان سريلنڪا کي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

شارجا(اسپورٽس نيوز)پاڪستان پنجن مئچن واري ون ڊي سريز ۾ سريلنڪا کي وائيٽ واش ڪندي ٽيسٽ سيريز جو حساب برابر ڪري ڇڏيو آهي، شارجا ۾ کيڏي ويندڙ پنجين ۽ آخري هڪ ڏينهن واري مئچ ۾ سريلنڪا عثمان خان جي شاندار بالنگ جي ڪري سريلنڪا جي پوري ٽيم ۲۷ اوورن ۾ ۱۰۳ رنسن تي پويلين موٽي وئي، جڏهن ته پاڪستان ڏنل هدف سولائي سان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ۲۱ اوورن ۾ پورو ڪيو. قومي ٽيم پاران امام الحق ۽ فخر زمان ۸۴ رنسن جي سٺي شروعات ڪئي، پر رڳو ٻن رنسن جي کوٽ سان پنهنجي نصف سينچري پوري نه ڪري سگهيا، ان جي اننگز ۾ ۷ چوڪا شامل هئا، جڏهن ته امام الحق ۴۵ ۽ فهيم اشرف ۵ رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *