
نئين دهلي (م.ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان ڏيهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم کي مبارڪ باد ڏيندي نيڪ خواحشن جو اظهار ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا مطابق نريدنر مودي پاڪستان جي ڏيهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڌڻي در دعاڳو آهيون.ان موقعي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ تشدد کان صاف ماحول جي لاءِ پتوڙي رهيا آهيون ۽ پاڪستان سان مڙني مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي خواهش رکون ٿا.003