پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ حتف ۹ نصر ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ حتف ۹ نَصُر ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، نَصُر ميزائيل 60 ڪلوميٽر تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، برق رفتار ميزائيل سسٽم ٽيڪٽيڪل ۽ آپريشن سطح تي پيش ايندڙ سمورن خطرن خلاف هڪ اثرائتو هٿيار ثابت ٿيندو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان گهٽ فاصلي جي زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ملٽي ٽيوب ميزائيل حتف ۹ نصر جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، نصر ميزائيل جي ڪامياب تجربي جي موقعي تي چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود سمورن سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي خطي ۾ امن جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل عبور ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. ميزائيل جي ڪامياب تجربي کي صدر مملڪت ممنون حسين ۽ وزير اعظم ساراهيندي سمورن سائنسدانن ۽ مشقن ۾ حصو وٺندڙ سپاهه کي ان شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *