پاڪستان زبردست قيادت جي ڪري روشن مستقبل رکي ٿو: محمد بن سلمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سعودي عرب جو ولي عهد محمد بن سلمان 2 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي، نور ان ايئر بيس پهچڻ تي سعودي شهزادي جو وزير اعظم عمران خان، آرمي چيف قمر جاويد باجوه ۽ وفاقي ڪابينا استقبال ڪيو، ٻارڙن سعودي شهزادي کي گلدستا پيش ڪيا، وزير اعظم ولي عهد کي ڳلي سان لڳائي آجيان ڪئي، ۽ پاڻ گاڏي هلائي سعودي ولي عهد کي وزير اعظم هائوس وٺي آيو، کيس وزير اعظم هائوس ۾ گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو.21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي،  سعودي شهزادي کي هٿياربند فوج جي دستي سلامي پشن ڏني، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جو قومي ترانو پڻ وڄايو ويو، سعودي شهزادو پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن ۾ اهم معاهدا به ٿيندا.سعودي شهزادو محمد بن سلمان اسلام آباد جي نور خان ايئربيس تي پهتو ته وزير اعظم عمران خان سندس استقبال ڪيو، جڏهن ته وزير اعظم عمران خان پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪري سعودي شهزادي محمد بن سلمان کي وزير اعظم هائوس آندو. سعودي شهزادي جي آجيان لاءِ سعودي عرب جو پرڏيهي وزير تي ٻڌل 121 رڪني وفد پهتل هو.  وزير اعظم عمران خان سان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ون آن ون ملاقات ڪئي. وزير اعظم ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات وزير اعظم هائوس ۾ ٿي. ملاقات ۾ پاڪ سعودي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو ته پاڪستان زبردست قيادت جي ڪري روشن مستقبل رکي ٿو، 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن جو پهريون مرحلو مڪم ڪيو آهي. تقريب کي وزير اعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته پاڪستناين جي لاءِ اڄوڪو ڏينهن عظيم آهي، سعودي ولي عهد ۽ سندس وفد کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، سعودي عرب هميشه سان پاڪستان جو دوست ۽ ڀاءُ رهيو آهي، سعودي قيادت ۽ عوام اسان جي دلين ۾ رهندو آهي.  بعد ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ععاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيح جي تقريب به رٿي وئي جنهن ۾ وزير اعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد به موجود هئا. ٻنهي ملڪن جي وفد معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيح ڪئي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسٽينڊرائزيشن جي شعبي ۾ ٽيڪنڪي سهڪار ۽ نوجانن جي معاملن ۽ راندين جي شعبي ۾ سهڪار جو معاهدو ڪيو ويو.  ٻنهي ملڪن بجلي جي پيداوار جي شعبي ۽ معدني وسيلن جي شعبي ۾ ايم او يوز تي صحيح ڪئي جڏهن ته ريفائنري پيٽرول ڪيميڪل پلانٽ جي قيام ۽ متبادل توانائي شين جي ترقي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *