پاڪستان دهشتگردي خلاف پوري دنيا ۾ فرنٽ لائن تي بيٺل آهي: شي چن پنگ

اسلام آباد (بيورو) چين جي صدر شي چن پنگ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف پوري دنيا ۾ فرنٽ لائن تي بيٺل ملڪ آهي،  هن خطرن باوجود پنهنجي سالميت کي برقرار رکيو، جڏهن چين دنيا ۾ اڪيلو هو تڏهن کيس سڀ کان پهرين پاڪستان ئي تسليم ڪيو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چين جي صدر شي چن پنگ چيو ته  دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن، دوست ملڪ جو هر ڏئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته  پاڪستان عالمي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ بيٺل آهي،خطي ۽ دنيا ۾ استحڪام لاءِ سندس ڪردار ساراهه جوڳو آهي. شي چن پنگ جو چوڻ هو ته پاڪستان خودمختاري ۽ معاشي بهتري جاري رکندو پيو اچي ۽ هن لاءِ ايشين ٽائيگر ٿيڻ جو موقعو پڻ آهي. هن چيو ته خطرن باوجود پاڪستان علائقائي ۽ جاگرافيائي حدن جو بچاءُ ڪيو. چيني  صدر جو چوڻ هو ته نئين چين کي تسليم ڪندڙ پاڪستان پهريون ملڪ هو ۽ کائن اهو ڏينهن نه وسرندو جڏهن چين پوري دنيا ۾ اڪليو ملڪ هو. شي چن پنگ چيو ته ترقي لاءِ ٻئي ملڪ هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا رهندا ٻنهي ملڪن ۾ دوستي، پهاڙ کان بلند، سمنڊ کان اونهي ۽ ماکي کان مٺي آهي. سندس چوڻ هو ته هو پاڪستان جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختاري جي حمايت ڪن ٿا،ٻئي ملڪ مستقبل ۾ هر  ڏکئي وقت جو گڏجي مقابلو ڪندا. چيني صدر  آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شاگردن کي چين اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته اسڪول تي حملو هڪ وڏو سانحو هو جنهن جو ڏک کائن ڪڏهن به نه وسرندو. شي چن پنگ چيو ته هو چيني عوام پاران پاڪستانين لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام کڻي آيو آهي ۽ پاڪستان پاران شاندار ميزباني تي ٿورائتو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي گڏيل پارليامنيٽ کي خطاب ڪرڻ هن لاءِ وڏو اعزاز آهي جنهن تي هو  وزير اعظم، اسپيڪر  ۽ سينيٽ چيئرمين جو پڻ ٿورائتو آهي. هن چيو ته پاڪ-چين دوستي گڏيل اعتماد جو ثبوت آهي ۽ پاڪستان هن لاءِ ٻيو گهر آهي. شي چن پنگ چيو ته پاڪستان سٺو دوست، سٺو پاڙيسري ۽ سٺو ڀاءُ آهي. هن چيو ته پاڪستان عظيم ملڪ آهي، جنهن قدرتي آفتن ۽ ڏکيائن  ۾ هميشه ساٿ ڏنو. چيني صدر چيو ته پاڪستان کي جڏهن به ضرورت پئي هو سندس مدد لاءِ اڳتي آيا. هن چيو ته ايشيا ۾ اقتصادي ترقي پاڪستان ۽ چين جي منزل آهي. چيني صدر چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو پاڪستان جي سمورن صوبن مان گذرندو. شي چن پنگ چيو ته فاٽا ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ سهڪار ڪيو ويندو ۽ چين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي صحيحون ٿيون آهن. چيني صدر شي چن پنگ جو چوڻ هو ته پاڪستان چيلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *