پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن (م.ڊ) امريڪا پشاور سانحي کانپوءِ پاڪستان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته ڦاهي جي سزا تي عمل  ڪرڻ پاڪستان جو پنهنجو معاملو آهي، دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان سان هر سطح تي  گڏ آهيون. واشنگٽن ۾ روزاني پريس بريفنگ ڏيندي امريڪي پرڏيهي وزارت جِي ترجمان ميري هارف چيو ته پاڪستان سان هر سطح تي ڳالهيون جاري آهن، ڦاهي جي سزا تي عملدرآمد پاڪستان جو گهرو معاملو آهي. ميري هارف چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ساڻن دهشتگردي خلاف هر سطح تي سهڪار ڪيو ويندو. هن چيو ته امريڪا پشاور سانحي کانپوءِ پاڪستان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. امريڪي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ممبئي حملن جي جوابدارن کي انجام تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ممبئي حملن ۾ ملوث ذڪِيءُ الرحمان لکوِي جي ضمانت تي ڳڻتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *