پاڪستان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو: پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز

اسلام آباد(اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. پاڪستان دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي ۽ گذريل سال دوران دهشتگرد حملن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. امن امان جي صورتحال ۾ بهتري سان ملڪي اقتصادي ۽ سياسي صورتحال ۾ هاڪاري تبديليون ٿيون آهن. اربع تي غير ملڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ دهشتگردن ۽ شدت پسندي جي خاتمي تائين اسان جون ڪوششون جاري رهنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي نتيجي ۾ ملڪي اقٿصادي ۽ سياسي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *