پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان سستوملڪ آهي ڪڏهن به ناهي چيو ته ملڪ کي ايشن ٽائيگر بڻائينداسين: وزيراعظم

پشاور (اين اين آءِ) وزيراعطم عمران خان چيو آهي ته پاسڪتان دنيا ۾ سستو ترين ملڪ آهي ڪڏهن ناهي چيوت ه ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين اسان کي عوام جون ڏکيائيون گهٽائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون سياري کان پوءِ کاڌي پيتي جون شين جون قيمتون گهٽجي وينديون اسان جي آمدني، ٽيڪس ۽ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اسان صنعتن کي بحال ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهيون گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواه جي هر ضلعي ۾ ماڻهن کي صحت ڪارد ملندو اربع تي وزيراعظم عمران خان نيا پاڪستان ڪارڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحت ڪارڊ غريب ۽ سفيد پوش ٻنهي لاءِ اهي اسان کي چيوويوت هڪٿي آهي نئون خيبرپختونخواه جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين تڏهن ڪي پي دهشتگردي کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ تمام گهڻو خوف آهي اسان صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪيو ۽ غربت کي تيزي سان گهٽايو اسان جو منشور پاڪستان کي فلاحي رياست بنائڻ آهي. عمران خان چيو ته هتي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مهانگائي نه آهي اسان دنيا ۾ سڀ کان گهٽ قيمت تي پيٽرول ۽ ڊيزل کپائي رهيا آهيون سردي جي موسم کان پوءِ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گهٽجي وينديون. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ پهريان اتحادي حڪومت هئي پوءِ اڪيلي حڪومت ٺاهي ماڻهو حيران ٿيا ته ڪيئن کٽي ويا خيبرپختونخواه جاماڻهو وڏو شعور رکن ٿا انک ان اڳ وزيراعظم پروگرام جو افتتاحڪيو جنهن موجب خيبرپختونخواه جي 75 لک گهراڻن کي 10 لک رپين تائين علاج جي مفت صحت جون سهولتون حاصل ٿينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *