پاڪستان خلاف ڪا سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: پاڪ فوج

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شهبازشريف اوچتو جوهر ٽائون سستي رمضان بازار جو دورو ڪيو جتي هن شهرين کان کاڌي پيتي جي شين جي موجود هجڻ، قيمتن ۽ انتظامن جي حوالي سان ڄاڻ ورتي ان موقعي تي  شهري وزيراعظم کي بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌڻ جي حوالي سان آگاهه ڪيو جنهن تي هن ڪاوڙ ڪندي مئي تائين لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا وزيراعظم هدايتون ڏنيون ته لاڳاپيل ادارا لوڊشيدنگ گهٽائڻ لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي قدم کڻن. لوڊشيڊنگ کان نجات تائين نه پاڻ سک سان ويهندس نه ڪنهن کي ويهڻ ڏيندس شهبازشريف چيو ته اڳوڻي حڪومتجي غفلت جي ڪري عوام تڪليف ۾ آهي. لاڳاپيل عملدار عوام جي تڪليف گهٽائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن وزيراعظم شهبازشريف هدايت ڪئي ته تيل ۽ گئس جو بندوبست ٿيڻ تائين عبوري قدم بهتر ڪيا وڃن هن چيو ته نوازشريف ملڪ ۾ واڌو بجلي فراهم ڪئي هئي عمران حڪومت هڪ به نئون يونت شامل ناهي ڪيو اڳوڻي حڪومت پاران نه وقت سر ٻارڻ خريد ڪيو ويو نه ڪارخانن جي مرمت ڪئي وئي عمران حڪومت سستا ۽ تيز ترين بجلي تيار ڪندڙ پلانٽ تيا مهانگي ۽ گهٽ بجلي ٺاهيندڙ ڪاخانا استعمال ڪيا ويا هن ظلم جي قيمت قوم کي هر مهيني 100 ارب رپين جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *