پاڪستان خلاف سيريز ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ، جئه ورڌني ۽ ڪالنگ ووڊ جي انگلينڊ ڪوچنگ اسٽاف ۾ شموليت

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ پاڪستان خلاف شيڊول ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۽ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ مهيلا جئه ورڌني ۽ پال ڪالنگ ووڊ جون ڪوچنگ اسٽاف ۾ خدمتون حاصل ڪري ورتيونآهن. ٻنهي پليئرن جي تقرري سان انگلينڊ ڪوچنگ اسٽاف کي تقويت ملي آهي. جئه ورڌني ٽيسٽ جڏهن ته ڪالنگ ووڊ ون ڊي سيريز لاءِ انگلش پليئرز جي رهنمائي ڪندا. 2012ع ۾ متحده عرب امارات ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيل سيريز م انگلش بيٽسمين کي اسپنرز کي کيڏڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پئجي ويو هو. انگلش ٽيم 6 اننگز ۾ رڳو هڪ ڀيرو 300 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. جڏهن ته هڪ ميچ ۾ 145 رنسن جي هدف ڏنو ۽ انگليش ٽيم 72 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *