پاڪستان خلاف سيريز کانپوءِ سريلنڪن ٽيم وطن واپس رواني

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) محبتن جا گل گڏ ڪري سريلنڪن ٽيم وطن واپس رواني ٿي وئي، پاڪستاني ڪرڪيٽرز اچڻ تي مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي ڀاڪر پائي الوداع چيو.ڪراچي ۾ ون ڊي ميچن کانپوءِ سريلنڪن ٽيم لاهور ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏي، مهمان ڪرڪيٽرز پنهنجو سامان کڻي ئي ٽئين مقابلي ۾ شرڪت لاءِ قذافي اسٽيڊيم آيا هئا، سيريز ۾ ڪلين سوئيپ جو مشن ۽ پريس ڪانفرنس جو عمل مڪمل ٿيندي ئي پاڪستاني ڪرڪيٽر مهمان رانديگرن جو شڪريو ادا ڪيو، سڀني کي واري واري سان ڀاڪر پائي الوداع چيو ويو.آئي لينڊرز هوٽل وڃڻ بدران اسٽيڊيم مان سڌو علامه اقبال ايئرپورٽ روانا ٿي ويا، ان دوران نه صرف سريلنڪن ٽيم جو روٽ پر پوري شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رهي.پي سي بي ذريعن موجب ڪيترن ئي سينيئر رانديگرن جي بنا ميدان ۾ لهندڙ نئين سريلنڪن ٽيم جي سمورن ميمبرن گرين شرٽس خلاف شاندار ڪارڪردگي تي تمام گهڻا خوش هئا ۽ پاڪستان جي مهمان نوازي جي به دل کولي تعريف ڪندا رهيا، آءِ لينڊرز رات اڍائي وڳي جي ويجهو لاهور مان اڏام ڀري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *