پاڪستان خلاف سرگرم هٿ ٺوڪين جهادي تنظيمن جي ڪا به حيثيت ناهي: سراج الحق

چارسده (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان خلاف سرگرم هٿ ٺوڪين جهادي تنظيمن جي ڪا به حيثيت ناهي. چارسده ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو اسرائيل سان اتحاد پاڪستان جي خلاف آهي، اوڀر ۽ اولهه سرحد تي ڀارت 70 کان وڌيڪ حملا ڪيا، ڀارتي اڳرائي سبب خطي کي خطرا پيدا ٿي ويا آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي رنگ، نسل، تهذيب ۽ زبان جي بنياد تي ملڪ ۾ ورهاڱي خلاف آهي، جڏهن ته ڪراچي آپريشن جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان پاڻ ۾ پراڪسي ويڙهه ختم ڪن ۽ لاڳاپا بهتر بڻائين. سراج الحق چيو ته کين اميد آهي ته سرتاج عزيز جي افغانستان واري دوري سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *