پاڪستان خطن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان امن سان گڏ بيٺو آهي ۽ خطن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي اسلام آباد جو دورو ڪيو جنهن دوران آرمي چيف نيشنل سيڪيورٽي ۽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۾ اسٽريٽيجڪ ۽ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي روشني وڌي. خطاب ۾ آرمي چيف چيو ته مختلف حالتون ۽ تبديل ٿيندڙ چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي جي ضرورت آهي، بهترين پيشيوراڻي صلاحيتن، مهارت ۽ فرض جي لگن پاڪ فوج جي ۾ موجود آهي، تربيت يافته فوج عوامي حمايت سان هر چيلينج جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن دشمن علائقائي استحڪام کي خطرن ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، پاڪستان امن سان گڏ بيٺو آهي ۽ خطن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام  جي خواهشن جي موجب حل ٿيڻ گهرجي. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوجن ۽ قوم جي اڻ ٽٽ رشتي کي ڪمزور ڪرڻ جي خواهش رکندڙ قوتون جو مقدر ناڪامي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *