پاڪستان جي ڪري ڀارت ۾ به امن جو آواز اٿي رهيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سطح تي ماڻهو امن جا خواهشمند آهن ۽ ڀارت ۾ به امن جا آواز اٿي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان اڄ وري ڀارت کي امن جي دعوت ڏني آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته ڀارت کي سياسي مقصدن لاءِ خطي جو امن خطري ۾ وجهڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سوچ سبب ڀارت ۾ به امن جا آواز اُٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ هر سطح تي ماڻهو امن جا خواهشمند آهن، جنگ مسئلي جو حل ناهي، خطي ۾ امن ضروري آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *