
لاهور: (اسپورٽس نيوز ) قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته پاڪستان جي ٽيم جو ڪوچ ۽ سليڪٽر بنجڻ تمام وڏو اعزاز آهي. ذميواريون ڏيڻ تي پي سي بي جو ٿورائتو آهيان.لاهور ۾ مصباح الحق سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پي سي بي جي سي اي او وسيم خان مصباح الحق جي هيڊ ڪوچ بنجڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي وسيم خان چيو ته 2020-2021 ۾ 2 وڏا انٽرنيشنل ايونٽس اچي رهيا آهن مصباح جي تجربي سان فائدو ٿيندو. اسان پنهنجي ڪوچز کي موقعو ڏئي رهيا آهيون ان کي ڪيترو معاوضو ڏئي رهيا آهيون اها راز جي ڳالهه آهي ۽ مصباح الحق هيڊ ڪوچ ۽ سليڪٽر آهي ان کي گهٽ پئسا ڇو ڏينداسين. جڏهن ته مصباح الحق کي پي ايس ايل ۾ ڪوچنگ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.هيڊ ڪوچ جون ذميواريون سنڀاليندڙ اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق چيو ته پاڪستان جي ٽيم جو ڪوچ ۽ سليڪٽر بنجڻ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي، ذميواريون ڏيڻ تي پي سي بي جو ٿورائتو آهيان مون تي اعتماد ڪرڻ جي مهرباني. سڀني ڏٺو ته تنقيد ڪندڙن کي ڪيئن ڊيل ڪيو. ڪوتاهين ختم ڪرڻ جي همٿ هجڻ گهرجي. 17 سال ڪرڪيٽ کيڏي آهي. موجود وسائلن تي ئي حڪمت عملي ٺاهي سگهجي ٿي. هن چيو ته پاڪستاني ٽيم ۾ پروفيشنلزم ڪهڙي طرح آڻڻو آهي ان تي اڃان ڪم ڪرڻو آهي جڏهن ته وقار يونس جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندس. اسان جي شروع کان ئي سوچ هئي ته سليڪٽر ۽ ڪوچ هڪ ئي هجڻ گهرجي.