پاڪستان جي هاڪاري رويي کي ڀليڪار، اميد ته ڀارت سهڪار ڪندو: برطانوي پارليامينٽ ميمبر

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي دوري تي آيل برطانوي پارليامينٽ جي ڪشمير تي آل پارٽيز پارلياماني گروپ جي ميمبرن ايل او سي جي ٻنهي پاسن جي ڀڃڪڙين جي اطلاعن جي تصديق لاءِ آيا هئاسين، ڀارت ائين ٿيڻ نه ڏنو، پاڪستان اسان کي ان حوالي سان آزادي فراهم ڪئي، اسان ڀارت کي ٻيهر چئون ٿا ته خطي ۾ وڃڻ ۽ اکين سان صورتحال جو جائزو وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي، اسان هڪ غير جانبدار ۽ آزاد گروپ آهيون، اسان پرو پاڪستان يا اينٽي انڊيا ناهيون، پرو هيومن رائيٽس گروپ آهيون، اسان هتي برطانوي حڪومت جي نمائندگي نه پيا ڪريون ڪشمير تي هڪ گروپ طور هر ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان آزاداڻو ۽ غير جانبدراڻو گروپ آهيون، برطانوي عملدارن تي دٻاءُ جاري رکنداسين، جڏهن ته شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آل پارٽيز ڪشمير گروپ هڪ اهم فورم آهي جنهن مان ڪشميري عوام جون وڏيون اميدون لاڳاپيل آهن، 5 آگسٽ جي هڪ طرفي قدمن سبب ڄمون ۽ ڪشمير تي بين الاقوامي ادارن خاص ڪري ڪشمير گروپ پاران نظرثاني رپورٽ تيار ڪئي وڃي ۽ نئين صورتحال تي ٻيهر غور ڪيو وڃي، گذريل ڏينهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشِي سان برطانوي ڪشمير تي آل پارٽيز پارلياماني گروپ جي ميمبرن ملاقات ڪئي، شاهه محمود قريشي پارلياماني گروپ جو پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي دوري تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته هي گروپ بين الاقوامي سطح تي ڪشمير جو مسئلو اٿارڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گروپ جي 2018 ۾ ڪشمير تي رپورٽ خاص اهميت واري آهي، هن چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019 جي هڪ طرفي قدمن جي ڪري صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير تي پرڏيهي ادارن خاص ڪري ڪشمير گروپ پاران هڪ نظرثاني رپورٽ تيار ڪئي وڃي ۽ نئين صورتحال تي ٻيهر غور ڪيو ُوڃي، پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته مون کي پرڏيهي آفيسن ۾ انهن 8 پارليامان ميمبرن کي ڀليڪار چوندي خوشي ٿي رهي آهي، هن چيو ته ڀارت جيڪو رويو اختيار ڪيو اهو دنيا ڏٺو ان کي دهلي کان ڊي پورٽ ڪيو ويو، هن چيو ته پاڪستان ۾ کيس آزادي آهي جتي وڃي جنهن سان ملي مڪمل آزادي آهي، هن نومبر 2018 تي هڪ رپورٽ جاري ڪئي هئي، هن چيو ته مون درخواست ڪئي آهي ته 5 آگسٽ کان پوءِ هڪ ٻي رپورٽ اچڻ گهرجي، 5 آگسٽ کانپوءِ والاري ڪشمير جي صورتحال خراب ٿي آهي، پارلياماني وفد جي سربراهه ڊيبي ابراهيم چيو ته اسان پاڪستان جي دوري ۾ مدد ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشمير امتيازي ورتاءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته ايل او سي جي ٻنهي پاسن کان انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي اطلاعن جي تصديق لاءِ آيا هئاسين ائين ٿيڻ نه ڏنو، پاڪستان اسان کي ان حوالي سان آزادي فراهم ڪئي، اسان ڀارت کي ٻيهر چئون ٿا ته خطي ۾ وڃڻ ۽ اکين سان صورتحال جو جائزو وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي، اسان هڪ غير جانبدار ۽ آزاد گروپ آهيون، اسان پرو پاڪستان يا اينٽي انڊيا ناهيون، پرو هيومن رائيٽس گروپ آهيون، اسان هتي برطانوي حڪومت جي نمائندگي نه پيا ڪريون ڪشمير تي هڪ گروپ طور هر ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان آزاداڻو ۽ غير جانبدراڻو گروپ آهيون، برطانوي عملدارن تي دٻاءُ جاري رکنداسين.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *