پاڪستان جي مقابلي ۾ ڀارت سفارتي سطح تي جارحاڻو رويو اختيار ڪيو: اعتزاز احسن

اسلام آباد(م.د) سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاڪستان جي مقابلي ۾ ڀارت سفارتي سطح تي جارحاڻو رويو اختيار ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان اڪيلائي جو شڪار نظر اچي رهيو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت ۽ ڪنٽرول لائين تي ڇڪتاڻ جي معاملي تي ڀارت سفارتي سطح تي پاڪستان جي مقابلي ۾ وڌيڪ جارحاڻو نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان اڪيلائي جو شڪار آهي ۽ پرڏيهي صلاحڪار به پوڙهو نظر اچي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستنا کي دنيا ۾ اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي جڏهن ته پاڪستان جو پرڏيهي وزير آهي ئي ڪو نه. اميد آهي ته ان معاملي تي سينيٽ جي تيار ڪيل سفارشون حڪومت جي لاءِ مددگار ثابت ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *