پاڪستان جي مشهورادڪارابابراشريف پنهنجي 61هين سالگرهه ملهائي

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ فلم انڊسٽري جي مشهور ادڪارا بابرا شريف پنهنجي 61هين سالگراهه ملهائي.پاڪستان جي فلم انڊسٽري  جي مشهوراداڪارا 10 ڊسمبر 1954ع تي پيدا ٿي،بابرا شريف 1980ع ۽ 1970ع ۾ حد کان وڌيڪ مشهوري ماڻي ۽ پوري دنيا ۾ مقبول ٿي وئي.بابرا شريف پنهنجي فلمي ڪيرئير جي شروعات 1973ع ۾ 12

سالن جي عمر کان ڪئي.پي ٽي وي جي بهترين ڊرامي“ڪرن ڪهاني” ۾ اداڪاري ڪري بابرا شريف وڏي اداڪارا بڻجي وئي ۽ پاڪستان جي سينيئر اداڪارن،وحيد مُراد،غلام محي الدين،محمد علي،نديم ۽ سلطان  راهي سان گڏ ڪم ڪندڙ بابرا شريف کي  اردو فلمن ۾ وڏي ڪاميابي ملي.بابرا شريف کي بهترين اداڪاري تي 9 ڀيرا نگار ايوارڊ سان نوازيو ويو،جڏهن ته 2013ع ۾ لڪس اسٽائل ايوارڊ ۾ لڪس بيوٽي ائيڪو ايوارڊ به حاصل ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *