پاڪستان جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش جي ٽيم کي 34 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئپ ڪري ورتي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش جي ٽيم کي 34 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئپ ڪري ورتي. پاڪستان جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نق

صان تي 114 رنسون ٺاهيون. بسمه معروف 44 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. مهمان ٽيم هدف پٺيان لڳندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 80 رنسون ٺاهي سگهي. بنگلاديش طرفان رومانه احمد 27 رنسون ٺاهيون. ندا ڊار ۽ سميه صديقي 2-2 وڪيٽون ورتيون. بسمه معروف کي ميچ ۽ سيريز جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *