پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ سياسي استحڪام اڻٽر آهي: نواز شريف

لاهور (بيورو) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور لاهور ۾ وزيراعظم ميان محمد نواز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ سياسي استحڪام اڻٽر آهي ياد رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف اوچتو گورنر هائوس لاهور پهتو جتي هن گورنر پنجاب سان ملاقات ڪئي انهي موقعي  تي ٻنهي اڳواڻن سياسي بحران جي نبيري لاءِ مختلف تجويزن تي غور ويچار ڪيو گورنر وزيراعظم کي عوامي تحريڪ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ٿيل رابطن کان به واقف ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *