پاڪستان جي حق ۾ ڳالهائڻ اوم پوري کي مهانگو پئجي ويو، بغاوت جو ڪيس داخل

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ ناهي، جيڪي پاڪستان خلاف شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار بڻجي ڳالهائين ٿا پر اهڙا فنڪار به موجود آهن، جيڪي سچي ۽ سڌي ڳالهه منهن تي چوڻ ۾ ناهن ڪيٻائيندا ۽ انهن مان اوم پوري به هڪ آهي،جنهن کي پاڪستان جي حق ۾ ڳالهاڻ جي  سزا ملي رهي آهي ۽ کيس بغاوت جي ڪيس کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. رپورٽن موجب اوم پوري ڀارتي ٽي وي جي پروگرام ۾ شامل هو، جنهن جو موضوع پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ۽ بالي ووڊ ۾ پاڪستاني فنڪارن جو ڪم هو، ان دوران هڪ سوال جي جواب ۾ اوم پوري چيو ته ڪير ڪجهه به چوي پر مان پاڪستاني فنڪارن سان گڏ ضرور ڪم ڪندس؟، اهڙي بيان کانپوءِ اوم پوري خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *