
بون(م ڊ) پاڪستان ۾ تيزي سان بدلجندڙ سياسي صورتحال ۾ ان هائوس تبديلي جا خدشا وڌي رهيا آهن اهڙو اظهار جرمن ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب سياسي حلقن ۾ امڪاني نئين وزيراعظم لاءِ ڊزن کن ماڻهن جا نالا ورتا پيا وڃن. ڪجهه ماڻهو عمران خان کي هٽائڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ جو شاهه محمود قريشي ۽ شهباز شريف اسٽيبلشمينٽ کي ويجها آهن. سينئر تجزيا نگار امتياز عالم موجب ٽن چئن مهينن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. ٻين اميدوارن ۾ تجزيا نگارسلمان غني اسد عمر ۽ نويد چوڌري مريم نواز کي به اميدوار سمجهي ٿو سندس راءِ ۾ پهرين قومي حڪومت قائم ٿيندي ۽ قومي استحڪام کانپوءِ نيون چونڊون ٿينديون.