پاڪستان جي بجيٽ پنهنجي ساک وڃائي چڪي آهي: عالمي بينڪ جي رپورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان جي بجيٽ جي ساک وڌيڪ ڪري پئي آهي ۽ پبلڪ فنانس مئنيجمينٽ سسٽم به بگڙي چڪو آهي.  عالمي بئنڪ جون مهيني م ناڻي وزارت کي پنهنجي پبلڪ ايڪسپينڊيچر اينڊ فنانشل اڪائونٽبلٽي رپورٽ جو آخري ڊرافٽ موڪليو هو. رپورٽ ۾ مالي سال 2015- 16 کان وٺي 2017- 18 تائين پاڪستان جي پبلڪ فنانس مئنجمينٽ سسٽم ۽ بجيٽ جو معروضي جائزو ورتو ويو آهي. رپورٽ سان ناڻي واري وزارت جي نهايت ناقص ڪارڪردگي ظاهر ٿئي ٿي جيڪا پنهنجي ذميواريون سنڀالڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مالياتي قانونن جي ڀڃڪڙيون ٿيڻ ڏنيون. ناڻي واري وزارت طرفان رپورٽ ۾ نرمي لاءِ ورلڊ بئنڪ تي دٻاءُ هو  پر عالمي اداري جي هڪ اهلڪار موجب عالمي بئنڪ طرفان اها رپورٽ فائنل هئي.  ذريعن موجب ناڻي واري وزارت جا مختلف شعبا هڪ ٻئي کي ذميوار قرار ڏيندا رهيا پر ان سلسلي ۾ اڃا تائين ڪنهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي. تازي رپورٽ جي ڀيٽ 2012ع ۾ عالمي بئنڪ طرفان ڪيل ان جائزي سان ڪئي وئي ته خبر پئي ته سمورا انگ اکر ۽ست اهم ٿنڀ زوال جو شڪار آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *