پاڪستان جو 5 ڏهاڙن جو دورو مڪمل ڪري برطانوي شاهي جوڙو ڏيهه روانو

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان جو 5 ڏهاڙن جو دورو مڪمل ڪري برطانوي شهزادو وليم ۽ ان جي گهرواري ڪيٽ مڊلٽن وطن واپس روانا ٿي ويا، غيرملڪي خابرو اداري موجب شاهي جوڙي کي نور خان ايئربيس تي برطانوي هاءِ ڪمشنر تهامس ڏريو ۽ ٻين عملدارن الوداع ڪيو، ان کان اڳ برطانوي شاهي جوڙي کي اسلام آباد ايئرپورٽ کڻي ايندڙ جهاز باحفاطت نور خان ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي هئي، جڏهن ته 2 ڪلاڪ اڳ به جهاز اسلام آباد ايئرپورٽي ليڊنگ جي ڪوشش ڪئي هئي پر خراب موسم جي ڪري ان جو رخ ٻيهر لاهور جي ايئرپورٽ طرف ڪيو ويو هو، ياد رهي ته پنهنجي دوري جي چوٿين ڏينهن برطانوي شهزادو وليم ۽ ان جي گهرواري ڪيٽ مڊلٽن رات لاهور جي هوٽل ۾ گذاري هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *