پاڪستان جو 4 نقاطي امن فارمولو هڪ ڀيرو وري رد،دهشتگردي ڇڏيو ۽ ڳالهيون ڪيو: سشما سوراج

نيويارڪ (م.ڊ) ڀارت هڪ ڀيرو وري پاڪستان طرفان گڏيل قومن ۾ پيش ڪيل 4 نقاطي امن فارمولو رد ڪندي دهشتگردي جي خاتمي جو رينگٽ ورجايو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج چيو ته وزيراعظم نواز شريف طرفان امن لاءِ 4 تجويزون پيش ڪيون ويون، پر اسان چئون ٿا ته هڪ ئي تجويز ڪافي آهي، جيڪڏهن ڳالهين سان ڪو حل نڪري ته ڀارت سمورا نبيري جوڳا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اسان جي هڪ ئي تجويز آهي ته دهشتگردي ڇڏيو ۽ ڳالهيون ڪيو. ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي کي رياستي پاليسي طور اختيار ڪرڻ قبولڻ جوڳو ناهي ۽ جيڪي ملڪ دهشتگردن کي پناهه ۽ هٿيار ڏين ٿا، انهن خلاف عالمي برادري کي اٿي بيهڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي هوندو، انهن ۾ سٺي ۽ خراب جو فرق نه هجڻ گهرجي، هن چيو ته دهشتگردي گهٽ ٿي آهي پر ان کي وڌائيندڙ ملڪن جو مقابلو ناهي ڪيو ويو، عالمي دهشتگردي کي رڳو عالمي ڪارروائي سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿو. سشما سوراج چيو ته طاقت جي استعمال سان دنيا ۾ مسئلا وڌي رهيا آهن، ڀارت گذريل 25 سالن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته عالمي امن مشن لاءِ ڀارت هن وقت تائين هڪ لک 80 هزار فوجي ڏئي چڪو آهي پر جيڪي ملڪ امن مشن ۾ وڌيڪ فوج ڏين ٿا، انهن  جي ٻڌي ئي نه ٿي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *