پاڪستان جو پئسو قوم جي امانت آهي، ڪنهن کي هضم ڪرڻ نه ڏينداسين: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه خميس ڏينهن ٽپهر هتي وزيراعظم هائوس ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي جائزي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سمورا منصوبا مقرر وقت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجن ڇو ته دير سان خرچن ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن چيو ته موثر ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته رڳو انهن منصوبن تي ڪم شروع ڪرڻ گهرجي جن جي باقاعده منظوري ڏني وئي هجي ۽ جن سان عوام کي سڌوسنئون فائدو ٿئي. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته حڪومت پي ايس ڊي پي سميت ايندڙ سال جي بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن وزيراعظم کي موجوده مالي سال جي پي ايس ڊي پي جي خرچن ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ تجويز ڪيل خرچن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم موجوده مالي سال 15 – 2014ع جي لاءِ پي ايس ڊي پي جي غيراستعمال ٿيل رقم ۽ مختلف وزارتن پاران نشاندهي ڪيل بچتن کي ترجيحي منصوبن جي لاءِ مخصوص ڪرڻ جي منظوري ڏني ته جيئن انهن منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته پي ايس ڊي پي جي مخصوص فنڊن جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ملڪ جي سمورن علائقن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪري سگهجن جن جو فائدو عوام کي ٿيندو. هن هدايت ڪئي ته فنڊ اهڙي طور تي مخصوص ڪيا وڃن جو جتي انهن جي وڌيڪ ضرورت هجي فنڊ اتي استعمال ٿيڻ گهرجن. هن ايوي ايشن جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پي  آءِ اي جي سروس ۾ بهتري لاءِ قدم کنيا وڃن جنهن ۾ جهازن جي بهتر ٽرانسپورٽيشن، مسافرن جي لاءِ سيٽن تي بهتر تفريحي پروگرام، سامان جي آمدرفت ۾ دير جو خاتمو، معياري خوراڪ ۽ جهازن ۾ وائي فائي جي سهولت جي فراهمي شامل آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي پيٽروليم جي مملڪتي وزير ڄام ڪمال خان، قومي اسيمبلي ميمبر ڪيپٽن (ر) محمد صفدر، حمزه شهباز، افضل کوکر، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر سعود مجيد، ايڇ اي سي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد سميت ناڻي واري وزارت، ايوي ايشن، پلاننگ، ريلويز، هائوسنگ، مواصلات ۽ پاڻي ۽ بجلي وارن سيڪريٽرين  شرڪت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *