پاڪستان جو ايندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ ”علائقائي ڪانفرنس“ ۾ شرڪت جو فيصلو

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان ايندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ علائقائي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پرڏيهي معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيرز چيو آهي ته آئون ايندڙ مهيني ڀارت ويندس. واضح رهيت ڀارتي فوجي اڏي تي حملي کانپوءِ اعليٰ سطح تي ٿيندڙ هي پهريون دورو آهي.  ميڊيا کي موقف ڏيندي سرتاج عزيز چيو ته آئون ڊسمبر ۾ افغانستان جي موضوع تي ٿيندڙ ”راٽ آف ايشيا ڪانفرنس“ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت ويندس. هن چيو ته روايتي مخالفن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گھٽائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسين اهو ثابت ڪرڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان علائقائي ايڪتا جي عمل جو حصو آهي ۽ افغانستان اسان جي پهرين ترجيح آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *